چبوترو عبدالله شاهه شهيد

چبوترو، عبدالله شاهه شهيد: هيءُ ٽالپر دور جي بزرگ سيد عبدالله شاهه شـهيـد جو مقـبـرو آهـي، جيـڪـو شـاهپـور چـاڪـر جـي تـاريـخـي قـبـرسـتان ’مير خان جا قبا'>شهداد خان جا قبا‘ کان ٿورو ٻاهر اترئين طرف آهي. هي مقبرو چبوتري جي صورت ۾ ٺهيل آهي، جنهن ۾ عبدالله شاهه جي تربت موجود آهي. تربت تي سهڻن لفظن ۾ آيت الڪرسي اڪريل آهي. سيد عبدالله شاهه وڏو جيد عالم ٿي گذريو آهي. مير صاحبن جي ساڻس ڏاڍي عقيدت هئي. سندس مزار تي اڄ به عقيدتمند حاضري ڀرين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو